عبدالڪريم گدائي لائبريري

عبدالڪريم گدائي لائبريري: 1968ع ۾ سنڌ جي عوامي شاعر عبدالڪريم گدائيءَ جي خدمتن کي سامهون رکندي، جيڪب آباد شهر ۾ اڳ قائم ٿيل ‘ميونسپل لائبريري’ کي گدائي لائبريري جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. اها لائبريري پراڻي ميونسپالٽيءَ واري بلڊنگ ۾ واقع آهي. هن لائبريري ۾ اٽڪل 20 هزار کن ڪتاب موجود هئا. پر 2007ع ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي جيڪي عوامي وڳوڙ ٿيا، هيءَ لائبرري به انهن جو بک ٿي. هينئر هڪ ڀيرو ٻيهر مرمت بعد لائبرريءَ کي اصلي حالت ۾ آندو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو